جنگ نامه ملا احمد سانوڻي قلمي

جنگ نامه ملا احمد سانوڻي (قلمي): فارسي ٻوليءَ ۾ هيءَ مثنوي، آخوند ملا احمد سانوڻي هالائيءَ جي چيل آهي. ملا احمد ٽالپرن حاڪمن جي درٻار جو خاص رڪن هو ۽ ان کانسواءِ ڪيترن ٽالپرن اميرن ۽ شهزادن جو استاد پڻ هو. هي جنگنامو ’وهڻائن واري جنگ‘ بابت آهي، جيڪا حيدرآباد جي مير غلام علي خان ٽالپر ۽ ميرپورخاص جي
مير ٺاري خان ٽالپر جي وچ ۾ لڳي. حيدرآباد جي فوج جو سپهه سالار مير محمود خان ٽالپر فوج وٺي ٽنڊي محمد خان مان ٿيندو، طبل وڄائيندو وڃي وهڻائن جي ڳوٺ رسيو، هوڏانهن مير ٺارو خان به فوج سميت رسي چڪو هو. ٻنهي ڌرين ۾ جنگ لڳي ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هلندي رهي. آخر مير ٺارو خان گهڻو زخمي ٿي ڪري پيو، مير محمود خان کيس کڻائي اچي تنبوءَ ۾ رکائي علاج ڪرايو. جنگ ۾ مير محمود خان کي فتح حاصل ٿي. مير محمود خان، مير ٺاري خان کي وڏي عزت سان حيدرآباد جي قلعي ۾ وٺي آيو ۽ مير غلام علي خان سندس زبردست استقبال ڪيو ۽ جيستائين صحتياب نه ٿيو تيستائين قلعي ۾ مهمان ڪري رهايائين. آخر بلڪل صحتياب ٿيڻ کانپوءِ مير غلام علي خان وڏي عزت سان مير ٺاري خان کي تحفا تحائف ڏئي ميرپورخاص روانو ڪيو.
هي مثنوي ملا احمد، مير محمد علي خان بهرور پٽ مير صوبدار خان ٽالپر جي چوڻ تي قلمبند ڪئي. مثنوي فردوسيءَ جي شاهنامي جي وزن تي چيل آهي ۽ جنگ جو سمورو احوال منظوم ڪري پيش ڪيو ويو آهي. مثنويءَ ۾ ڪل 1380 شعر آهن. آخر ۾ ترقيمه واري عبارت هيئن تحرير ٿيل آهي.
”حسب الفرموده بندگان مير صاحب والا
شان سڪندر شوڪت دارا دربان صاحب
الڪرم والجود مير صاحب مير ميان
محمد علي خان ٽالپور دام اقباله ازدست
ملا محمد صادق بتاريخ غره ماه محرم
الحرام 1258هه (12 فيبروري 1842ع) صورت اختتام يافت.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو